SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


National Power

(click word to listen sound
  • 🔊
  • næʃənl
  • pauər
  • kstouðpauərɔfn
  • )

From the Dictionary of International Relations:

National Power

نيشنل پاور

قومي سگهه يا طاقت

ڪنهن به قوم جي مجموعي صلاحيت ، جيڪا کيس زندگيءَ جي مختلف رخن ۾ ٻين قومن کان اُتم ڪري بيهاري ۽ ٻيون قومون سندس مرضيءَ کي وڌيڪ اهميت ڏين ته ان کي ’قومي سگهه‘ سڏيو وڃي ٿو . بين الاقوامي سياست ۾ طاقت‘ يا سگهه جو مطلب ، هڪ قسم جي غير معمولي صلاحيت آهي ، جيڪا هڪ رياست طرفان پنهنجن مفادن جي تڪميل لاءِ ٻين رياستن جي رويي تي اختيار رکڻ ۽ کين مخصوص هلت روا رکڻ تي مجبور ڪري ٿي . جيئن موُڙي يا سرمايو کليل منڊيءَ ۾ اهميت رکي ٿو ، تيئن ’طاقت‘ به بين الاقوامي تعلقات ۾ پٺيءَ جي ڪنڊي واري حيثيت رکي ٿي . اها پنهنجي جوهر ۾ خراب يا سُٺي نه آهي ، پر ان جو استعمال هاڪاري ۽ ناڪاري رُخن کي پڌرو ڪري ٿو . عام طرح ملڪيت ، وسيلن ، آباديءَ ۽ فوجن جي انگ کي ’قومي طاقت‘ هجڻ جو اُهڃاڻ سمجهيو ويندو هو ، پر جديد دور ۾ طبعي ۽ علاقائي بيهڪ ، قدرتي وسيلا ، ٽيڪنالاجي ، قومي ڪردار ۽ حوصلو ، معاشي ترقي ، سياسي سرشتو ، نظريو ، قيادت ، جنگي صلاحيت ، سفارتي صلاحيت ، پروپئگنڊا ، اطلاع ۽ ابلاغ جي سگهه سميت بيشمار خوبيون آهن ، جيڪي ڪنهن به قوم کي عالمي برادريءَ ۾ سگهارو مرتبو ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون . ان هوندي به دنيا جي قومن ۾ وقت بوقت لاڳاپن جي تبديل ٿيندڙ نوعيت سبب ’قومي طاقت‘ جا معيارمٽبا رهن ٿا . ان ڪري ڪنهن به هڪ پهلوءَ کي سدائين لاءِ ’طاقت جي اُهڃاڻ‘ طور قبول نه ٿو ڪري سگهجي . ’قومي طاقت‘ جي جهجهائي ڪيترين قومن کي ’طاقت جي غرور‘ ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿي ، جنهنڪري دنيا ۾ خون خرابو ۽ جنگيون وڌن ٿيون . اهڙي صورتحال کي روڪڻ لاءِ طاقت جي توازن ، بين القوامي اُصولن ، عالمي عام راءِ ، بين الاقومي قانون ، هٿيار گهٽائڻ ، بين الاقوامي تنظيمن ۽ پابندين ذريعي اڳرائي پسند ملڪن کي وَسَ ۾ آندو وڃي ٿو .


Remember Me Also:

ڊوڙو

ذ. مال جو ڌاڙو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal